ڌرتيءَ جـي ڌڙڪـن

ڌرتيءَ جـي ڌڙڪـن

ڌرتيءَ جي ڌڙڪن

ڌرتيءَ جـي ڌڙڪـن (ڪتاب): هـي قـومـپـرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جي پنهنجن ڪتاب: ‘سنڌي سماج جو جائزو’، ‘سر جي صدا سُر ۾’، ‘ٽهڪي نڪتا ٽوهه’، ‘وطن يا ڪفن’ ۽ ‘اميد جو قتل’ جو گڏيل مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ شامل پهريون ڪتاب ‘سنڌي سماج جو جائزو’ سنڌي سماج جي طبقاتي اڀياس تي مشتمل آهي. ڪتاب ‘سر جي صدا سُر ۾’ ۾ تقريرون آهن. ڪتاب ‘ٽهڪي نڪتا ٽوهه’ ۾ انٽرويو، تقريرون ۽ مقالا آهن. چوٿين ڪتاب ‘وطن يا ڪفن’ ۾ ليڪچر آهن، جڏهن ته پنجون ڪتاب ‘اميد جو قتل’ شهيد بينظير ڀٽو بابت آهي. هن مجموعي جا ‘ٻه اکر’ ناز سنائيءَ جا لکيل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هي مجموعو، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 2015ع ۾ ڇپيو. 316 صفحن تي مشتمل هن مجموعي جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو